تنزيل Radio Voice of Sindh London Free لـ Android
verified_user

تنزيل Radio Voice of Sindh London Free لـ Android

شرح تطبيق Radio Voice of Sindh London وكيفية استخدامه

پهريون ويب ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن پنهنجي نشريات جو آغاز 10 آگسٽ 2012 تي ڪيو. اسان جو مقصد دنيا جي گولي تي رهندڙ سنڌين کي هڪ لڙي ۾ پوئي هڪ شاندار قوم واري حيثيت ڏيارڻ آهي.

اسان جي اها ڪوشش هوندي ته سنڌي ثقافت، ٻولي، تهذيب، ادب، علم، تاريخ ۽ موسقي کي فروغ ڏيون. سنڌ جيڪا هزارين سالن کان پنهنجو وجود برقرار رکڻ لاء مسلسل جاکوڙيندي رهي آهي، ڌارين جي يلغار جو مقابلو ڪندي رهي آهي. ان جي گڏجي مالڪي ڪيون.

سنڌ دنيا جي خوشحال خطن ۾ شمار ٿئي ٿي. قدرتي وسيلن تيل، گئس، ڪوئلي. بندرگاه، زراعت ۽ سنڌو دريا جي نعمتن سان مالا مال آهي.

سنڌ جي ڌڻين جن کي تعليم، صحت ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان محروم ڪيو ويو آهي. ان جي نتيجي ۾ هر طرف بک، بدحالي، مذهبي انتها پسندي ۽ سنڌ جو حقيقي روپ ميٺ محبت، صوفي ازم ۽ مذهبي رواداري شديد متاثر ٿي آهي.

ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن جو اهو مشن آهي ته سنڌ جي گھگھرن سان گڏجي شعور پيدا ڪرڻ لاء ڪم ڪريون. تعليم جي ميدان ۾ پنهنجون صلاحتون استعمال ڪيون. ريڊيو جي پروگرامن وسيلي سنڌواسين کي اهو احساس ڏياريون ته سنڌ جي مالڪي ڪيو. سنڌ اندر ٿيندڙ بيواجين تي گھري نظر رکو.

اسان جي اها به ڪوشش هوندي ته ريڊيو جي نشريات کي انتهائي معياري بنايون. ويب ٽي وي ۽ اڳتي هلي لنڊن مان سنڌي سان گڏ انگريزي ۾ مڪمل تي وي چينل شروع ڪري سگھون. ڇاڪاڻ سنڌ جو اصل روپ دنيا اڳيان آڻڻ لاء انٽرنيشنل سطح تي ميڊيا ۾ سنڌين جو اثرائتو آواز هجڻ ضروري آهي.

اسان جي اها به ڪوشش هوندي ته تعليم جي ميدان ۾ اسان ڪا اڳڀرائي ڪري سگھون. بند پيل اسڪول کوليون، جيڪي ٻار اسڪول ڪونه ٿا وڃن انهن کي تعليم جي روشني سان آراسته ڪريون.

اسان جي سنڌواسين کي اها به گذارش آهي ته ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن کي پنهنجو آواز سمجھن ۽ جتي به علم، ادب بابت جيڪي به پروگرام ٿين ٿا. انهن کي سموري دنيا ۾ آباد سنڌين تائين پهچائڻ لاء نمائندگي وارو قومي ڪردار ادا ڪن.

ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن سنڌواسين جو گڏيل آواز آهي. ان کي مضبوط ۽ اثرائتو بنائڻ.

.

تنزيل APK الاصدار 2.0 المجانية Free Download

يمكنك تنزيل Radio Voice of Sindh London APK 2.0 لـ Android مجاناً Free Download الآن عبر أبك داون مود.

الوسوم:

expand_more عرض أكثر
check_circle متوفر android أندرويد 4.0 والأحدث update 2024-10-02
مُشاركة
share
shop تحميل من GooglePlay

التحميل متوفر مباشرةً من ولكننا ننصح بالتحميل من الماركت الافتراضي لهاتفك اذا توفر لديك حساب. info
يرجى قراءة تفاصيل التطبيق جيداً

android التحميل عبر أبك داون مود
إبــلاغ
report
3,236 visibility 100 - 500 accessibility مناسب لمن يبلغ 3 أعوام فما فوق