sports_esports أحدث التدوينات widgets الألعاب المحدثة android التطبيقات المحدثة
cloud_download التحميل المباشر للـ APK
next_week إستكشف الجديد
loop تصفح كل المُحدثة
view_list مراجعات الألعاب view_list مراجعات التطبيقات view_list ترفيه وتسلية view_list أكشن ومغامرة view_list أسلوب حياة view_list ميديا وفيديو view_list ذكاء وألغاز view_list كاشجوال view_list سباقات view_list أدوات view_list مراجع وكتب view_list إدارة وأعمال view_list تعليم وثقافة view_list مال وبنوك view_list الصحة واللياقة البدنية view_list الطب view_list الموسيقى والصوتيات view_list خرائط محلية وسفر view_list أخبار ومجلات view_list تصوير وفوتوغرافي view_list إنتاجية view_list تسوق view_list إجتماعية view_list رياضة view_list السفر والمحلية view_list طقس view_list نقل view_list اتصالات وإنترنت view_list بطاقات وكازينو view_list ألعاب رياضية view_list عروض ومكتبات view_list أدوات شخصية view_list شخصية view_list صور متحركة view_list مواضيع متفرقة view_list نظام الأندرويد view_list هواتف الأندرويد view_list أخبار التطبيقات view_list شروحات view_list اسرار وتلميحات
menu
sync_alt
accessibility مناسب لمن يبلغ 3 أعوام فما فوق update 2019-07-01

تنزيل دعا رجب سنڌي Dua e Rajab Sindhi Free لـ Android

شرح تطبيق دعا رجب سنڌي Dua e Rajab Sindhi وكيفية استخدامه

رجب مهيني ۾ هر نماز کان پوء جي دعا
اي اها ذات جنهن کان مان هر ڀلائي جي اميد ٿو رکان، ۽ هر برائي مهل ان جي ڪاوڙ کان بچڻ لاء امان ٿو گهران، اي ٿوري جي عيوض گهڻو ڏيڻ وارا! اي اها ذات جيڪا گهرڻ واري کي عطا ٿي ڪري، ۽ جنهن نه به گهريو، ان کي به عطا ٿي ڪري ۽ جيڪو سندس معرفت نٿو رکي ان کي به عطا ٿي ڪري، پنهنجي ٻاجھ ۽ فضل سان. منهنجي سوال جي ڪري مون کي دنيا ۽ آخرت جون سڀ ڀلايون عطا فرما، منهنجي درخواست جي ڪري مون کان دنيا ۽ آخرت جون سڀ پريشانيون دور فرما، ڇو جو ان سان تنهنجي خزاني ۾ ڪا گهٽتائي نه ايندي، ۽ پنهنجي ڪرمنوازيء سان مون کي اڃا به وڌيڪ عطا فرما، اي ٻاجهارا! اي جلال ۽ عزت وارا! اي نعمتن ۽ سخاوت جا صاحب! اي احسان ۽ ڪرم ڪرڻ وارا! هن چهري مٿان جهنم کي حرام فرما!

جيتوڻيڪ هر ڏينهن، مهينو، سال ۽ صدي الله جي مخلوق آهي. پر انهن مان ڪجھ کي خاص فضيلت حاصل آهي. سال جا ٻارنهن ئي مهينا پالڻهار جي قدرت جو ڪرشمو آهن پر ٽن مهينن رجب، شعبان ۽ رمضان کي جيڪا منزلت ۽ خصوصيت حاصل آهي اها ٻين کي نه آهي. جاهليت واري زماني ۾ به ماڻهو رجب مهيني جو احترام ڪندا هئا.
رسول اڪرم صلي الله عليه و آله و سلم جن فرمائن ٿا: رجب الله جو اصم مهينو آهي. ان کي اصم ان ڪري سڏيندا آهن جو ڪو به مهينو ان جي عظمت کي نٿو پهچي سگهي. ماڻهو جاهليت واري دور م به ان جي احترام ڪندا هئا. جڏهن اسلام ڦهليو ته ان جي احترام ۾ واڌارو آندائين. ياد رکو ته رجب منهنجو مهينو، شعبان الله جي مهينو ۽ رمضان منهنجي امت جو مهينو آهي. بس جيڪو به رجب جي هڪ ڏينهن جو روزو رکندو الله سائين جي راضپي جو حقدار ٿيندو، سندس روزو الله سائين جي ڪاوڙ کي ختم ڪندو. الله سائين جهنم جي دروازن مان هڪ دروازو ان جي مٿان بند ڪندو. جيڪڏهن ڪو انسان زمين جي سون جيترو مال الله سائين جي راه ۾ خرچ ڪري پوء به ان مهيني جي هڪ روزي کان افضل نه هوندو. جڏهن رات ٿيندي ته سندس دعا قبول پوندي جيڪا يا دنيا م ملنديس يا سندس آخرت لاء ذخيرو بجڻجندي. تنهن کان پوء رسول اڪرم ٻن، ٽن، چئن، پنجن کان ٽيھ روزن مان هر هڪ جو الڳ ثواب بيان فرمايو.
امام موسي ڪاظم عليه السلام فرمائن ٿا: رجب، جنت ۾ هڪ نهر جو نالو آهي جيڪا کير کان وڌيڪ سفيد ماکي کان وڌيڪ مٺي آهي. تنهنڪري جيڪو به ماڻهو ان مهيني ۾ هڪ ڏينهن به روزو رکندو الله سائين کيس ان نهر مان سيراب ڪندو.
ساڳي ريت امام عليه السلام ٻئي روايت ۾ فرمائن ٿا: رجب وڏي عظمت وارو مهينو آهي، جو الله سائين ان ۾ انجام ڏنل اعمال جو ثواب ڪيترا ڀيرا وڌائي عطا ڪندو ۽ ان مهيني ۾ گناه معاف ڪندو. پوء جيڪو به ان مهيني ۾ هڪ به روزو رکندو ته اهو جهنم کان هڪ سال جيتري فاصلي جيترو پري ٿيندو ۽ جيڪو به ان مهيني ۾ ٽي روزا رکندو جنت ان تي واجب آهي.
ان با برڪت مهيني جي فضيلت بابت حضرت امام صادق عليه السلام فرمائن ٿا: جڏهن قيامت برپا ٿيندي ته هڪ منادي صدا ڏيندو «؟ أين الرجبيون». ڪٿي آهن رجب مهيني جي تعظيم ڪرڻ وارا ۽ کانس فائدو وٺڻ وارا. ماڻهن جي ان عظيم اجتماع مان هڪ ٽولو اٿندو جن جو نور ميدان محشر کي روشن ڪري ڇڏيندو، سندن سرن تي در ۽ ياقوت جا تاج هوندا، انهن مان هر هڪ ماڻهو جي ساڄي پاسي هزار ملائڪ ۽ سندس کاٻي پاسي به هزار ملائڪ هوندا جيڪي کين پالڻهار جي تعظيم سبب مبارڪ ڏيندا. الله سائين طرفان آواز ايندو اي منهنجا ٻانهوء ۽ ڪنيزوء! مون کي پنهنجي عزت ۽ جلال جو قسم! توهان کي وڏو مان ۽ گهڻيون نعمتون عطا ڪندس توهان کي اهڙي جاء تي گهر ڏيندس جنهن جي هيٺان نهرون وهنديون هونديون ۽ توهان اتي هميشه رهندوء. ڇو جو توهان پنهنجي راضپي سان ان مهيني ۾ روزو رکيو جنهن کي مون فضيلت عطا ڪئي هئي.

رجب جي پهرين جمعي رات جي فضيلت

جيتوڻيڪ رجب جو پورو مهينو بابرڪت آهي پر ان ۾ ڪجھ گهڙين جي خاص اهميت آهي جئين ان مهيني جي پهرين جمعي جي رات. رسول اڪرم صلي الله عليه و آله و سلم جن فرمائن ٿا: رجب جي پهرين جمعي رات کان غفلت نه ڪريو. فرشته ان رات کي ليله الرغائب سڏيندا آهن. ڇو جو جڏهن رات جو ٽيون پهر گذرندو آهي ته ڪو فرشتو باقي نه رهندو آهي سواء ان جي جو ڪعبت الله وٽ اچڻ جو شرف حاصل ڪندو آهي، ان وقت الله سائين پنهنجي رحمت جي نظر سان کين ڏسندو آهي ۽ فرمائيندو آهي: اي منهنجا فرشتوء! جيڪو کپيو مون کان گهرو. فرشته عرض ڪندا: اي پالڻهار! اسان اهو گهرون ٿا ته ان مهيني ۾ روزي رکڻ وارن کي بخش ڪري ڇڏ. الله سائين فرمائيندو: مون کين معاف ڪري ڇڏيو.

.

تنزيل APK الاصدار 2.0 المجانية Free Download

يمكنك تنزيل دعا رجب سنڌي Dua e Rajab Sindhi APK 2.0 لـ Android مجاناً Free Download الآن عبر أبك داون مود.

الوسوم:

56 visibility 0 - 0 android أندرويد 4.0 والأحدث
schedule متوفرة مجاناً backup تحميـل archive 7.9M